ديوان مشتاق گروپ

ديوان مشتاق گروپ

ديوان مشتاق گروپ

ديوان مشتاق گروپ: ديوان مشتاق نالي هيءَ تجارتي گروپ، پاڪستان جو تمام اهم ادارو آهي، جيڪو ڪپڙي جي صنعت، گاڏين، کنڊ ۽ ڌاڳن جي درآمد ۽ برآمد ڪري ٿو. هن اداري جو روح روان ديوان يوسف مشتاق آهي، جيڪو ڪجهه عرصو سنڌ جي صوبائي حڪومت ۾ مڪاني ادارن، انڊسٽريز، ليبر، صفائي، ٽرانسپورٽ ۽ معدنيات جو وزير به رهيو.
ديوان مشتاق گروپ، ننڍين وڏين صنعتن تي مشتمل پاڪستان جي وڏن صنعتي گروپن مان هڪ آهي. سندن ڇهه مختلف ڪمپنيون ڪراچي اسٽاڪ ايڪسچينج جي ڪاروباري فهرست ۾ شامل آهن.
هونڊائي (Hyundai) ۽ ڪيا موٽرز (Kia Motors) سان معاهدي ۽ ٽِڪنيڪي سهڪار سان ديوان فاروقيءَ نالي گاڏين جي صنعتي اداري ۾ هر سال لڳ ڀڳ 10000 ڪارون تيار ڪيون وينديون آهن، جڏهن ته ديوان سلمان نالي ڌاڳي جي صنعت سڄيءَ دنيا ۾ ڌاڳي جي وڌ کان وڌ اُپت ڏيندڙ ڪمپنين مان يارهين نمبر تي آهي. ان کان سواءِ ڪپڙي جا ٽي ڪارخانا، هڪ موٽر سائيڪلن جي ڪمپني ۽ سڄي ملڪ ۾ کنڊ جي وڏي پيداواري صنعت به هن ئي گروپ سان لاڳاپيل آهي.
ديوان گروپ، دنيا جي ٻين اهم ۽ مشهور صنعتي ڪمپنين ۾ حصيدار (Share holder) پڻ آهي، جن ۾ خاص ڪري، سعودي سيمينٽ ۽ پاڪ لئنڊ سيمينٽ جون صنعتون قابل ذڪر آهن.
ملڪ جي سماجي ۽ معاشي استحڪام ۾ سندن ڪردار اهميت جوڳو آهي.
هيءَ گروپ عوامي خدمت ۽ ڀلائيءَ لاءِ 40 ننڍين وڏين اسپتالن، اسڪولن ۾ پيئڻ جي صاف پاڻيءَ جي فراهمي، آمدورفت لاءِ روڊن رستن جي تعمير ۽ بائيو- اِنرجيءَ جي بنيادي ڍانچي لاءِ وقت به وقت مالي سهائتا ڪندو رهي ٿو. تازو هن گروپ پاران ڪراچيءَ ۾ ’ديوان ميڊيڪل ڪاليج‘ جو آغاز ڪيو ويو آهي. سول اسپتال حيدرآباد ۾ دِل جو وارڊ ’ديوان مشتاق‘ پڻ هن گروپ تعمير ڪرايو هو. اهڙي سهولت سکر ۾ به ڏنل آهي. هن خاندان ملڪ جي وڏن فلاحي ادارن جي مالي مدد ۾ ڪڏهن نه ڪيٻايو آهي.
پاڪستان ۾ ديوان (اردو ڳالهائيندڙ) واپارين جا ڪي خوشحال گهراڻا آباد آهن، جن مان هيءُ به هڪ آهي.
ديوان گروپ جي اهم صنعتي ادارن جي فهرست هيٺينءَ ريت آهي:
• ديوان فاروق موٽرز پرائيويٽ لميٽڊ،
• ديوان آٽوموٽو انجنيئرنگ حَب (Hub)، ڪراچي
• ديوان موٽرسائيڪلز حب (Hub)، ڪراچي
• آٿورائيزڊ ڊسٽريبيوٽرز آف BMW ڪارز اِن ڪراچي
• ڊيلٽا انووينشنز لميٽڊ، ڪراچي
• ديوان سلمان فائبر
• ديوان شگر ملز پرائيويٽ لميٽڊ، ٽنڊو محمد خان.
• ديوان کوسڪي شگر ملز پرائيويٽ لميٽڊ، کوسڪي
• ديوان باواني شگر ملز لميٽيڊ، تلهار
• ال آصف شگر ملز لميٽيڊ، ڳاڙهو، ضلعو ٺٽو
• ديوان ٽيڪسٽائيل ملز، حيدرآباد
• ديوان خالد ٽيڪسٽائيل ملز، حيدرآباد
• ديوان فاروق اِسپننگ ملز لميٽيڊ
• ديوان سيمينٽ (اڳوڻو پاڪ لئنڊ سمينيٽ)
• ديوان سيمينٽ (اڳوڻو سعودي سيمينٽ)


هن صفحي کي شيئر ڪريو